سبزواري بهروز

سبزواري بهروز

بهروز سبزواري

بهروز سبزواري: مشهور ٽي. وي اداڪار بهروز سبزواري جو 16 فيبروري 1957ع تي جنم ٿيو، 1968ع کان بهروز سبزواري ٽي وي اسڪرين تي اچڻ شروع ٿيو. هن ڏهن سالن جي عمر ۾ ٻارن جي فينسي ڊريس شو ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ هن ٻارن جي هڪ ڊرامي ’نانا جان، دادا جان‘ ۾ به ڪم ڪيو. دراصل هن کي پذيرائي شوڪت صديقيءَ جي ناول ’خدا ڪي بستي‘ تان تيار ڪيل سيريز کان ملي، جنهن ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ هن مشهور ڊرامن ’ميرا نام منگو‘، ’تعبير‘، ’آبگيني‘، ’ان ڪهي‘ ۽ ’آگهي‘ وغيره ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هن سنجيده ۽ مزاحيه ٻئي ڪردار ادا ڪيا آهن. تاج حيدر جي سيريل ’پروفيسر‘ ۾ هن هڪ بيوقوف نوجوان جو ڪردار ادا ڪري مزاحيه ڪردارنگاريءَ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. حسينه محبت جي ڊرامي ’تنهائيان‘ ۾ سندس ڪردار ’قباچه‘ کي ڪافي پذيرائي ملي، جيڪو اڳتي هلي سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. بهروز سبزواري مختلف انٽرويوئن ۾ پاڻ کي ’سنڌي‘ سڏائيندو آهي. هن ڪجهه فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي، پر سندس خاص سڃاڻپ ٽي. وي اداڪار واري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.02.16  عيسوي

مشهور ٽي. وي اداڪار بهروز سبزواري جو 16 فيبروري 1957ع تي جنم ٿيو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحميد آخوند
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
ايشور چندر
چارلس نيپئر
رائو شيرالزمان
سنڀو مل هميراڻي
نثار بزمي
ڪائنات ٿيٻو
در محمد ڊول
جي اي رحيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون